دوحه: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، خودمختاري تي حملو ٿيو ته هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، پوءِ چاهي ڪهڙو به ملڪ هجي. قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ عرب اسلامي هنگامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عرب ٽي وي(الجزيره) کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ اسحاق ڊار قطر تي تازي اسرائيلي حملي کي عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽرڊ ۽ مسلمان دنيا جي خودمختاري خلاف سنگين قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مسلمان دنيا صرف بيانن تائين محدود رهي ته 2 ارب مسلمانن جي نمائندگي ڪندڙ ملڪ پنهنجي عوام جي نظرن ۾ ناڪام نظر ايندا. اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل هڪ بي قابو رياست بڻجي چڪو آهي جيڪو هڪ کان پوءِ ٻئي مسلمان ملڪ جي خومختاري کي چيلينج ڪري رهيو آهي. اوهان لبنان، شام، ايران ۽ هاڻ قطر تي حملو ڏٺو، اها روش برداشت نه ڪرڻ جوڳي آهي. هن واضح ڪيو ته قطر انهي حملي وقت آمريڪي ۽ مصري ٽياڪڙي سان گڏ امن ڳالهين ۾ مصروف هو ۽ انهي عمل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اهو حملو ڪيو ويو. اسحاق ڊار 57 رڪني اسلامي تعاون تنظيم جي اجلاس جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيوته اهو صرف قراردادن ۽ بيانن جو وقت نه آهي، هاڻ هڪ واضح لائحه عمل جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي جارحيت کي نه روڪيو ته ڪهڙا قدم کنيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان فوري طور تي صوماليه ۽ الجزائر سان گڏجي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ خصوصي اجلاس طلب ڪرايو ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪونسل کي به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته فوجي قدم آخري رستو هوندو آهي جڏهن ته پاڪستان جي ترجيح هميشه امن، ڳالهيون ۽ سفارتڪاري رهي آهي. پر جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿي وڃن ۽ جارحيت رڪجڻ جو نالو نه وٺي ته پوءِ موثر عملي قدم ضروري هوندا آهن جن ۾ اقتصادي پابنديون، قانوني ڪارروائي، يا علاقائي سيڪيورٽي فورس جي جوڙجڪ به شامل ٿي سگهي ٿي.پاڪستان جي ايٽمي طاقت جي حوالي سان سوال تي اسحاق ڊار چيو ته اسان جي ايٽمي طاقت صرف دفاعي صلاحيت آهي. ڪڏهن به استعمال ناهي ڪئي ۽ نه ئي ارادو رکون ٿا پر جيڪڏهن اسان جي خودمختاري تي حملو ٿيو ته اسان هر قيمت تي انهي جو دفاع ڪنداسين، پوءِ چاهي اهو ڪهڙو به ملڪ هجي. اسرائيل طرفان قطر تي حملي کي بن لادن جي خلاف آمريڪي ڪارروائي سان جوڙڻ تي اسحاق ڊار انهي کي هڪ ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته دنيا کي خبر آهي ته اهو آپريشن ڪهڙو هو. پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀني کان وڏو شڪار رهيو آهي.ڀارت بابت ڳالهين ۾ اسحاق ڊار چيو ته ڪشمير هڪ مڃيل تڪرار آهي جنهن تي گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن. ڀارت جو آرٽيڪل 370 جو خاتمو ۽ جمون، ڪشمير کي ڀارت ۾ ضم ڪرڻ جهڙا تڪراري قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. انڊس واٽر ٽريني مان انخلا جو ڪوبه اختيار ڀارت کي حاصل نه آهي جيڪڏهن ڀارت پاڻي کي هٿيار بڻايو ته اهو اعلان جنگ مڃيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان انهي معاملي کي قومي سلامتي جو مسئلو سمجهي ٿو انهي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اسحاق ڊار چيو ته 7 کان 10 مئي جي وچ ۾ پاڪ ڀارت چڪرين ۾ پاڪستان واضح دفاعي برتري ڏيکارڻ ۽ ڀارت جو خطي ۾ سيڪيورٽي نيٽ جو دعويٰ دفن ٿي ويو.افغانستان سان لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊارٻڌايو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي. واپار، معاهدن ۽ ريلوي منصوبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي پر افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ جهڙن عناصرن جي موجودگي قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته يا ته انهن دهشتگردن کي پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي يا افغانستان مان ڪڍيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن تڪرارن جي عالمي قراردادن تي عمل نه پيو ٿئي. جيڪڏهن گڏيل قومن جا فيصلا صرف ڪاغذي بڻجي وڃن ته پوءِ عالمي اداري جي ساک ڪٿي ٿي بچي؟ هن زور ڏنو ته سلامتي ڪونسل ۾ اصلاحات ۽ اهڙن ملڪن جي خلاف سخت قدم ضروري آهن جيڪي انهي جا فيصلا نظر انداز ڪندا آهن. انٽرويو جي اختتام تي پرڏيهي وزير زور ڏنو ته هن وقت سڀني کان اهم ۽ فوري قدم غير مشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ انساني امداد جي آزادانه فراهمي آهي. هن چيو ته هن وقت هر لمحو قيمتي آهي هر حياتي جي حفاظت اولين ترجيح هجڻ گهرجي.










