ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نفيسا شاھھ يونيورسٽين جي چانسلرز جي لاءِ بچاءُ واري وزير خواجا آصف پاران قومي اسيمبلي ۾ ڏنل توھين آميز ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان سندس لفظ حذف ڪرڻ جومطالبو ڪيو آھي. نفيسا شاھھ جو چوڻ آھي تھ بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي وائس چانسلرز جي خلاف توھين آميز ريمارڪس سان ملڪ اندر ۽ ٻاھر پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۽ اُنھن جي شاگردن تي تمام اُگرا اثر پئجي سگھن ٿا ۽ اھڙي قسم جي روھين آميز ريمارڪس سبب شاگردن جي ڪيريئر کي نقصان پھچي سگھي ٿو. ھن چيو تھ گذريل حڪومت ۾ ھوابازي واري اڳوڻي وزير غلام سرور خان پائلٽن جي ڊگرين جي حوالي سان بيان ڏنو ھو ۽ اُڻ ٻِآڻ جهِ نتيجي ۾ اسان جي قومي ايئر لائنز متاثر ٿي ھُئي. نفيسا شاھھ چيو تھ اميد آھي تھ بچاءُ وارو وزير خواجا آصف، سنڌ جي وائس چانسلرز جي مطالبي موجب، پنھنجو بيان واپس وٺندو، وي سيز شديد مالي رنڊڪن باوجود ڪم ڪري رھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ وفاقي حڪومت پاران ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي فنڊنگ تمام گھٽ آھي. ھن چيو سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي معاملي ۾ جيڪڏھن سنڌ سرڪار مڪمل سھڪار فراھم نھ ڪري تھ اُھي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي وڃن، ذميوار عھديدارن جي حيثيت ۾ اسان کي پنھنجن ادارن جو احترام ڪرڻ گھرجي. نفيسا شاھھ چيو تھ جھڙي ريت اسان سڀ گڏيل طور تي 9 مئي تي پنھنجن ادارن تي حملن جي مذمت ڪري رھيا آھيون، اھڙي ريت سويلين ادارن، خاص طور تي اسان جي يونيورسٽين جو احترام بھ اوترو ئي ضروري آھي.










