ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي ٽيم فلم ”The Challenge“ جي شوٽنگ لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن تي رواني ٿي وئي آهي، جيڪڏهن مشن جي ڪاميابي تي روس خلا ۾ فلم ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو. فلم ڪِرو ٽن ماڻهن تي ٻڌل آهي جنهن ۾روسي اداڪارا يوليا پيريسلڊ، فلم ڊائريڪٽر ڪم شيپينڪو ۽ مشهور روسي خلاباز نوردانٽن شڪيپليرووف شامل آهن، اهي ٽئي 12 ڏينهن تائين عالمي خلائي اسٽيشن ۾رهندا ۽ فلم جي شوٽنگ ڪندا. اها ڪنهن به ملڪ طرفان پهريون ڀيرو خلا ۾ فلم جي شوٽنگ هوندي. واضح رهي ته ان کان اڳ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز خلا ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾هن کي آمريڪي خلائي جاچ اداري ناسا ۽ ايلن مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جو سهڪار حاصل هو پر ان کان اڳ ئي روس پنهنجي ٽيم خلاف ۾ رواني ڪري ڇڏي آهي.










