ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان، ايگرو اينڊ فوڊ ڊويزن، هڪ ويبينار منعقد ڪيو، ”سڪي ميوي جي شعبي جو جائزو“. هن ويبينار ۾ ملڪ جي وڏي خشڪ ميوو پيدا ڪندڙ خطي گلگت بلتستان جي آبادگارن، پروسيسنگ جي ماهرن، واپارين ۽ مختلف گروئرز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سيشن دوران، آبادگارن شعبي جو جائزو پيش ڪيو ۽ مقامي مصنوعات، سپلائي چين ۽ علائقي جي امڪانن بابت ٻڌايو. آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ويبينار جي پڄاڻي تي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ٻيو سيشن منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ ڄاڻايل شعبي کي درپيش مسئلن ۽ چيلينجز، انهن جي ممڪنه حل ۽ ان شعبي جي ترقيءَ لاءِ TDAP ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ان تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو.










