پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته قانون وارو وزير ڪنهن جي هدايت تي غير آئيني قدم کڻي رهيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته قانون وارو وزير حڪمرانن کي بچائڻ لاءِ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.هن چيو ته حڪومت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار جو چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ شامل هو، پوءِ ڪميٽي ڪجهه ڪلاڪن اندر منظوري ڏئي ڇڏي.بئريسٽر سيف الله چيو ته حڪومت پارليامينٽ ۾ قانون سازي سان مذاق ڪرڻ بند ڪري، حڪمران جيڪي به ڪن، انهن جو وقت اچي ويو آهي.










