”خاڪ ۾ گل“ جو خالق زندگي جي جنگ هارائي ويو

شهدادڪوٽ (ن س) صحافت ۾ الڳ مقام رکندڙ ضمير کرل بيماري سان جهيڙيندي لاڏاڻو ڪري ويو ، ضمير کرل ڪنهن هڪ شخص  جو نالو نه پر هڪ اداري جو نالو هو . جنهن ادب، صحافت ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. هن 1971 ع ڌاري شهدادڪوٽ شهر ڀرسان واقع ڳوٺ شاهي ۾ غلام محمد کرل جي گهر ۾ اک کولي ۽ کيس 2 ڀائر امير کرل ۽ اڪبر کرل هئا جن مان 7 سال اڳ سندن ڀاءُ اڪبر کرل پڻ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. ضمير کرل ابتدائي تعليم ڳوٺ کان ۽ ميٽرڪ پروينشنل بوائز هاءِ اسڪول کان پاس ڪيائين. هن ادبي ۽ صحافت جي دنيا ۾ 1988ع ڌاري قدم رکندي هفتيوار اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين تنهن کان بعد ۾ سنڌ جي ننڍين، وڏن اخبارن ۾ صحافتي ذميواري سرانجام ڏيندو رهيو ، ضمير کرل صحافي سان گڏ هڪ بهترين شاعر پڻ هو جنهن جي شاعري جو ڪتاب خاڪ ۾ گل مارڪيٽ ۾ آيل آهي ۽ سندن ڪيتروئي مواد هن مهل ڇپائي لاء پيل آهي. ضمير کرل گذريل 12 سالن  کان مهراڻ ٽي وي سان سلهاڙيل رهيو . جڏهن ته وائيس آف شھدادڪوٽ جو نيوز ڊائريڪٽر ۽ ايڊمن پڻ هيو ، ضمير کرل هڪ ادارو هو جنهن سنڌي صحافت ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرايا .ضمير کرل کي 3 پٽن ساجد کرل ، زين کرل ۽ حسن کرل ۽ 2 نياڻين جي اولاد آهي گذريل ڪافي وقت کان بيماري جي بستري تي پيل رهيو ۽ اڄ صبح سوير ساه جي تند ٽٽڻ سبب گهر ڀاتين، دوستن سميت سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو ، ضمير کرل جي نماز جنازه اڄ شام 5 وڳي ريلوي اسٽيشن تي ادا ڪرڻ بعد مصري شاه جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو