اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ شاهه محمود قريشي جا وڪيل پيش نه ٿيڻ بعد حڪومت طرفان وڪيل مقرر ڪيا ويا.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.حڪومت جو وڪيل ملڪ عبدالرحمان باني پي ٽي آءِ طرفان پيش ٿيندو جڏهن ته وڪيل حضرت يونس شاهه محمود قريشي پيش ٿيندو.جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته ڪائونسل جوابدارن جي نمائندگي ڪندي شاهدن تي جرح ڪندي.ٻئي طرف شاهه محمود قريشي اسٽيٽ ڊفينس ڪائونسل مان فائل کسي ڀت تي اڇلائي ڇڏي.










