خان  ڳالهين لاءِ تيار آهي ته پ پ  پنهنجو ڪردار ادا ڪندي

خان ڳالهين لاءِ تيار آهي ته پ پ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيڪڏهن ڳالهين جي لاءِ تيار آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، مسئلا جهيڙن سان پر ڳالهين جي ذريعي ئي حل ٿيندا آهن. صحافين سان ڳالهين ۾ خورشيد شاهه چيو ته محمود خان اچڪزئي شايد ضياءُالحق جا 90 ڏينهن وساري ويٺو آهي. 3 مهينن جي قومي حڪومت نه هوندي آهي پوءِ به قومي حڪومت ئي هوندي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسيمبليون هلن ۽ پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري.پ پ اڳواڻ چيو ته خبرون هلي رهيون آهن ته عمران خان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي، اها سٺي ڳالهه آهي هو اڳيان وڌي، ڇو ته مسئلا جهيڙن سان نه پر ڳالهين جي ذريعي ئي حل ٿيندا آهن. جيڪڏهن هو محسوس ڪري رهيو آهي ته سياستدانن کي گڏ ويهڻ جي ضرورت آهي ۽ اها ڳالهه هو مڃي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي.هن چيو ته جن ماڻهن 9 مئي جو واقعو ڪيو آهي انهن کي معافي گهرڻ گهرجي. عمران خان جيڪڏهن چوي ٿو ته اهو 9 مئي ۾ ملوث نه آهي ته اهڙن واقعن جي مذمت ڪنداسين، اسان کي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي.خورشيد شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين جي ذريعي ڪڍيو وڃي جيڪڏهن ضرورت پئي ته پيپلز پارٽي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.هن چيو ته معيشت جي حالت خراب آهي ان کي صحيح ڪرڻو پئجي رهيو آهي بجلي ۽ زراعت تي جيڪو ٽيڪس لڳايو ويو آهي ان تي حڪومت کي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.بلوچستان ۾ حڪومت سازي بابت معاهدي جي حوالي سان جواب تي چيو ويو ته مون کي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ اهڙي ڪهڙي به معاهدي جي خبر نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو