خان کي گرفتاري جو ڊپ، ضمانت جي درخواست داخل،رجسٽرار جا اعتراض

خان کي گرفتاري جو ڊپ، ضمانت جي درخواست داخل،رجسٽرار جا اعتراض

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري ۽ عمران خان جي قانوني صلاحڪار بابر اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو ۽ چيو ته عمران خان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وارو معاملو آهي، ان ڪري هو عدالت ۾ آيو آهي…اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس عمران خان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست تي 3 اعتراض اٿاريا آهن.رجسٽرار آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان بائيو ميٽرڪ نه ڪرائي هئي، اعتراض اٿاريو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڃڻ بدران هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيئن آيو؟ ذريعن موجب رجسٽرار آفيس به اعتراض ڪيو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو