خان کي انٽرا ويٽريل انجيڪشن جي ڊوز لڳائي وئي، گوهر پاران تصديق

خان کي انٽرا ويٽريل انجيڪشن جي ڊوز لڳائي وئي، گوهر پاران تصديق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آئي عمران خان کي انٽرا ويٽريل انجيڪشن جي پنجين ڊوز لڳائي وئي.
چيئرمين پي ٽي آئي بئريسٽر گوهر عمران خان جي طبي معائني جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته باني پي ٽي آئي کي گذريل رات اڊيالا جيل مان پمز (PIMS) اسپتال آندو ويو هو، کيس انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.
مون کي اڄ صبح اطلاع ڏنو ويو ته بانيءَ جو پمز ۾ فالو اپ چيڪ اپ ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان کي پمز جي بجاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ سندس فيملي (گهراڻي) کي کيس تائين رسائي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو