خان جي زوال جو سبب سندس 4 ناڻي جا وزير هئا، بلال

خان جي زوال جو سبب سندس 4 ناڻي جا وزير هئا، بلال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر اقتصاديات ۽ توانائي بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا معيشت بابت ڪوڙو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، عمران خان 4 سالن ۾ معيشت کي ڪمزور ڪيو، خان صاحب جي تباهي جو وڏو سبب سندس ئي آهي، 4 ناڻي وارا وزير هئا.پريس ڪانفرنس ڪندي بلال اظهر ڪياني چيو ته جڏهن عمران خان جي حڪومت آئي ته مهانگائي جي شرح 3 سيڪڙو هئي، هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان اڳ خودڪشي ڪندس، قرضن جي ڳالهه ڪندڙ چوندا هئا ته قرض ڪميشن ٺاهينداسين.وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو ته عمران خان 4 سالن ۾ 2 ڪروڙ عوام کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي نااهلي ۽ چوري سان ملڪي معيشت تباهه ڪئي.هن چيو ته عمران خان 4 سالن ۾ سڀ کان وڏي بجيٽ خسارو ڏني، جڏهن هو ويو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تمام وڏو هو، اڄ جي مهانگائي خان صاحب جي نااهلي، چوري ۽ بي ايماني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو