لاهور: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي وڪيل عذير ڪرامت ڀنڊاري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته 9 مئي جي ڪيس ۾ خان کي فوجي حراست ۾ ڏيڻ جو خدشو آهي ڇو ته مٿس فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جي تياري ٿي رهي آهي. درخواست ۾ هاءِ ڪورٽ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته عمران خان کي امڪاني طور فوجي حراست ۾ ڏييڻ ۽ سندس ڪورٽ مارشل واري قدم کي روڪيو وڃي. مٿس سول قانون موجب سول عدالتن م ئي ڪيس هلايا وڃن. درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ چئني صوبن جي آءِ جيز کي ڌر بنايو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 9 مئي بابت ڪيس ۾ کيس فوجي حراست ۾ ڏيڻ واري عمل کي روڪيو وڃي. عدالت 9 مئي جي ڪيسز ۾ گرفتاري سويلين ڪورٽس وٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ۽ حڪم امتناع جاري ڪري.










