خان جي علاج بابت حڪومتي موقف قبول ناهي، ملاقات ڪرايو، عليمه

خان جي علاج بابت حڪومتي موقف قبول ناهي، ملاقات ڪرايو، عليمه

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان اڱاري ڏينهن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي اکين جي بيماري جي علاج لاءِ پنجون ڀيرو اسپتال منتقل ڪرڻ بابت حڪومت جو بيان قبولڻ جوڳو ناهي.
ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ عليمه خان چيو: “اسان کي خبر پئي آهي ته عمران خان کي 15 جون جي صبح سوير ٻيهر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (Pims) منتقل ڪيو ويو. اسان کي ان بابت 15 جون جي صبح بئريسٽر گوهر جي هڪ ٽوئيٽ ذريعي ڄاڻ ملي.”
هن چيو: “اسان عمران خان جي صحت بابت پمز طرفان جاري ڪيل ڪنهن به طبي رپورٽ کي قبول نٿا ڪريون. ساڳئي اداري اڳ به تڪراري دعوائون ڪيون آهن، جن ۾ اهو چوڻ به شامل آهي ته عمران جي نظر 90 سيڪڙو بحال ٿي چڪي آهي. جڏهن سندس وڪيل بعد ۾ اڊيالا جيل ۾ ساڻس مليو ته عمران پاڻ انهن دعوائن کي رد ڪيو هو.”
هن سوال ڪيو ته: “هڪ بنيادي سوال اڃا تائين بي جواب آهي ته عمران کي پنجين انجيڪشن جي ضرورت ڇو پيش آئي؟”
عليمه چيو ته: “اسان حڪومت جو بيان قبول نٿا ڪريون. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته عمران جو معائنو ۽ علاج اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ آزاد ۽ ماهر ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي. هي هڪ فوري ۽ انتهائي اهم ترجيح آهي.”
هن ياد ڏياريو ته عدالت جي حڪم موجب خاندان جي ڇهن ميمبرن کي هر اڱاري تي عمران سان ملاقات جي اجازت هئي، پر سندس چوڻ هو ته اختيارين گذريل اٺن مهينن کان ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
هن چيو: “منهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان کي رڳو چند ڀيرا ملاقات جي اجازت ڏني وئي، ۽ سندس آخري ملاقات 2 ڊسمبر 2025 تي ٿي هئي.”
عليمه وڌيڪ چيو ته: “اسان عمران خلاف دٻاءُ وجهڻ لاءِ حڪومت طرفان اڪيلائي ۽ محرومي کي اوزار طور استعمال ڪرڻ کي رد ڪريون ٿا. اڄ اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي حڪم مطابق خاندان جي سڀني ڇهن ميمبرن کي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني ويندي.”
هن چيو ته: “عمران جي حقن کان انڪار رڳو سياسي مسئلو ناهي، پر اهو جيل مينوئل ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي واضح ڀڃڪڙي آهي.”
عليمه خان چيو ته جيل مينوئل موجب عمران کي هي حق حاصل آهن: هر هفتي پنهنجي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ، هر هفتي خاندان سان ملاقات، هر هفتي قانوني صلاحڪارن سان ملاقات، ڪتابن ۽ مطالعي جي مواد تائين رسائي، ٽيليويزن ۽ اخبارن تائين رسائي، مناسب طبي علاج ۽ باقاعده طبي جاچ، ۽ ڪنهن به طبي طريقيڪار کان اڳ سندس ويجهن خاندان وارن کي آگاهه ڪرڻ.
عليمه چيو ته: “اسان مطالبو ڪريون ٿا ته قيدي طور عمران جا سڀ قانوني حق فوري طور بحال ڪيا وڃن، ۽ خاندان جي موجودگي ۾ کيس آزاد ۽ پيشيور طبي ماهرن کان علاج فراهم ڪيو وڃي، جيڪا سڀ کان اهم ۽ فوري ترجيح آهي.”
سومر ڏينهن عمران کي اکين جي فالو اپ علاج لاءِ پمز منتقل ڪيو ويو، جتي کيس پنجين اينٽي-VEGF انٽراوٽرئيل انجيڪشن ڏني وئي. اسپتال موجب اکين جي ماهرن سندس معائنو ڪيو ۽ سندس حالت طبي طور مستحڪم قرار ڏني. عمران آخري ڀيرو 28 اپريل تي اينٽي-VEGF انٽراوٽرئيل انجيڪشن لڳرائي هئي.
سندس اکين جي بيماري ــ ساڄي اک جي سينٽرل ريٽينل وين اوڪليوزن (CRVO) ــ جنوري جي آخر ۾ سامهون آئي هئي. سندس پهريون طبي طريقيڪار 24 جنوري تي ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ٻيو ڊوز 24 فيبروري ۽ ٽيون ڊوز 23 مارچ تي ڏنو ويو هو.
گذريل ڪجهه مهينن دوران حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ الزام تراشي جاري رهي آهي. اپوزيشن حڪومت تي الزام لڳائيندي رهي آهي ته عمران جي مناسب علاج بابت شفافيت نه رکڻ ۽ سندس ذاتي ڊاڪٽرن کي ساڻس ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن، جڏهن ته حڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو