راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي مبينا سهولتڪاري جي ڪيس ۾ جيل جا وڌيڪ 6 ملازم حراست ۾ وٺي ويا.ذريعن موجب حراست ۾ ورتل جيل ملازمن ۾ 3 عورتون هڪ ليڊي سويپر، 2 ليڊي وارڊن ۽ 3 اهلڪار شامل آهن جيڪي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي نگراني ڪري رهيا آهن جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت عملو جيل ۾ بشرا بي بي ۽ بني پي ٽي آءِ وچ ۾ ميسيج ڪندو هو، جڏهن ته حراست ۾ ورتل ملازمن جا موبائل فون به ضبط ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ مانيٽرنگ لاءِ آدمشماري پڻ ڪئي وئي آهي.










