اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت پاران پي ٽي آءِ جي باني جي جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست رد ڪندي اپيلون نمٽائي ڇڏيون. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت کي ٻڌايو ته ملزم جا فوٽوگرافي، پولي گرافڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ ڪرڻا آهن. ان تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته درخواست ۾ ٽيسٽن جي نه، پر جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي آهي، ٽرائل ڪورٽ کان اجازت وٺي ٽيسٽ ڪرائي سگهو ٿا. عدالت چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيلن کي درخواست تي اعتراض ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي، ملزم جي گرفتاري کي ڏيڍ سال گذري چڪو آهي، هاڻي اوهان کي جسماني ريمانڊ ڇو ياد آيو؟ هاڻي جسماني ريمانڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته ملزم تعاون نه ڪيو هو، جنهن تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته جيل ۾ قيد ملزم کان وڌيڪ ڪهڙو تعاون کپي؟ مون پاڻ هڪ فيصلو ڏنو هو ته هڪ هزار کان وڌيڪ ضمني چالان به پيش ٿي سگهن ٿا. جسٽس ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته 5 ڏينهن اڳ هڪ فوجداري ڪيس ٻڌو هو، جنهن ۾ نامزد ملزم 7 سال تائين موت واري سيل ۾ رهيو، جنهن کي بعد ۾ باعزت بري ڪيو ويو، اسان کي 3 مهينا ڏيو ته فوجداري ڪيس ختم ڪري ڇڏبا. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته ڪنهن عام قتل ڪيس ۾ اهڙا ٽيسٽ ڪڏهن به نه ڪرايا ويا، اميد آهي ته عام ماڻهن جي ڪيسن ۾ به حڪومت اهڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندي. عدالت چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي جسماني ريمانڊ لاءِ داخل ڪيل اپيلون ٻن بنيادن تي نمٽايون وڃن ٿيون، استغاثا پولي گرافڪ، فوٽوگرافي ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽن لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، ۽ باني پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم کي حق حاصل آهي ته اهڙي درخواست تي قانوني ۽ حقيقتي اعتراض اٿاري.










