خان جي اک ۾ ٽيون انجيڪشن، نظر تسلي بخش قرار

خان جي اک ۾ ٽيون انجيڪشن، نظر تسلي بخش قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پمز جي ميڊيڪل بورڊ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي نظر کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔
باني پي ٽي آءِ جي اک جو پمز اسپتال ۾ ٽيون پروسيس مڪمل ڪيو ويو آهي۔ پمز انتظاميه موجب عمران خان کي سندن رضامندي سان پمز اسپتال آندو ويو، جتي کيس ٽيون اينٽي وي اي جي ايف (Anti-VEGF) انجڪشن لڳايو ويو۔
پمز اسپتال ۾ عمران خان جي اکين جو ٻيهر معائنو پڻ ڪيو ويو ۽ انجڪشن جي ٻي خوراک ڏني وئي۔
پمز انتظاميه موجب باني پي ٽي آءِ کي انجيڪشن سندن رضامندي سان لڳايو ويو، آپريشن ٿيٽر ۾ سڀ حفاظتي تدبيرون ۽ پروٽوڪولز تي عمل ڪيو ويو، ۽ معائني کان پوءِ ميڊيڪل بورڊ سندن نظر کي تسلي بخش قرار ڏنو۔
پمز انتظاميه موجب انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ باني پي ٽي آءِ کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو۔
ياد رهي ته باني کي 24 فيبروري تي پڻ اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي اکين جي معائني کان پوءِ کين انجيڪشن جي ٻي خوراک ڏني وئي هئي۔
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڳ ۾ ٻڌايو هو ته ڊوز ڏيڻ کان اڳ ڪارڊيو لاجسٽ ڪنسلٽنٽ ايڪو ڪارڊيوگرافي ۽ اي سي جي ڪئي، جن جا نتيجا نارمل آيا هئا۔
اسپتال ۾ رهائش دوران، پروسيس جي وقت ۽ ان کان پوءِ به باني جا مک ٽيسٽ (وائيٽلز) مستحڪم رهيا، جڏهن ته ڪنسلٽنٽ فزيشن پڻ کين طبي طور مستحڪم قرار ڏنو۔

پهنجو تبصرو موڪليو