اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ جي ڪيس کي 21 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر گذريل ٻڌڻي جو تحريري حڪم جاري ڪيو. عدالت ڌرين کي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اڊيالا جيل اختيارين اڳ ئي پنهنجا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ٻين ڌرين کي به پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ گهرجن، عدالت ڪيس کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ 21 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.










