خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ خلاف ٻڌڻي مقرر

خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ خلاف ٻڌڻي مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي آهي.شهري غلام مرتضيٰ وڪيل بئريسٽر ظفرالله جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ عمران خان جي غير قانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل ٽوئيٽس کي هٽائڻ ۽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايڪس اڪائونٽ مان مبينا طور تي خراب ڪندڙ پوسٽون هٽايون وڃن ۽ انهن کي قيد دوران پکيڙڻ کان روڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر درخواست جي ٻڌڻي 4 نومبر تي ڪندا، جنهن ۾ رجسٽرار آفيس به ڪاز لسٽ جاري ڪئي آهي.عدالت عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي، جڏهن ته نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي، سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ ٻين ڌرين کان به جواب طلب ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو