خانڳڙھ تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي،احتجاج

خانڳڙھ تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي،احتجاج

خانپورمهر(ن سنڌيار) گهوٽڪي ضلعي جي ميرپورماٿيلو ۽خانڳڙھ تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي. ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي. سرڪاري سطح تي محدود ڪيمپ قائم تي پڪل ماني فراهم. دوائون جي کوٽ ڳوٺ چڪ پي پي ايڇ آء پاران فري ميڊيڪل رليف ڪيمپ قائم. متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو. رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي جي خانڳڙھ ۽ميرپور ماٿيلو جي برسات متاثرن يوسيز ديھ دلمراد گبول. سونو پتافي. لوهي. قاضي بادل. مٺڙي. علي مھر. جروار. ڪنڊلو. واهي گهوٽو سميت مختلف ڳوٺن م برسات متاثرن اڃا تائين کليل آسمان هيٺ روڊن تي ويٺل آهن جن ڪا به ضلعي گهوٽڪي ۽خانڳڙھ ۽ميرپور ماٿيلو تعلقي جي انتظاميه سار نه لڌي جنهن ڪري متاثر بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن. سرڪاري سطح تي قائم رليف ڪيمپ. اسپورٽس گرائونڊ. ھائير سيڪنڊري اسڪول خانپور مهر. م قائم ڪيمپ تي ڊي سي گهوٽڪي ۽اي سي خانڳڙھ. مختيار ڪار پاران رڳو پڪل ماني جو 4 ديڳون برياني جو فراهم ڪيو پيو وڃن. متاثر اڪبر مهر. شهزادو مهر. رستم پتافي. محبوب ٻين پاران خانپورمهر ۽ڌني واھي روڊ تي گلزار مهر روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته رليف ڪيمپ تي ٻارڙن ۾ بيمارين جنم ورتيون آهن جڏهن ته انتظاميا ڪابه سهولتن فراهم نه ڪئي جنھن متاثر بکون ڪاٽڻ ھنن انتظاميه نالي ماتر رليف ڏيئي. هوڏانهن رمضان لاشاري جا 50 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا متاثر ايوب لاشاري يونس لاشاري. گل لاشاري ٻين جي اڳواڻي ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙ چيو ته اسان 50 ڊهي پٽ پئجي ويا روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون ڪابه سهولتن فراهم نه ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن پي پي ايڇ آء ضلعي گهوٽڪي پاران طرف ڊاڪٽر وجي ڪمار. ڦوڪل پرسن طارق ڪلوڙ. ڊاڪٽر عالم سيال. سماجي اڳواڻ آمين سيال جي اڳواڻي م خانپورمهر جي چڪ سيال ۾ ميديڪل فري ڪيمپس لڳايون ويون جتي بيمارين گيسٽرو ۽ بخار. مليريا ۾ مبتلا مرد ۽ عورت. ٻارڙن سميت 560 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. هوڏانهن متاثر وس وارن کان مطالبو ڪيو ته هن مسڪين جي سار لهي واهر ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو