خانگي ڪمپنين کي رليف ڏيڻ کان انڪار، پلاسٽڪ بيگز تي پابندي برقرار

خانگي ڪمپنين کي رليف ڏيڻ کان انڪار، پلاسٽڪ بيگز تي پابندي برقرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي اندر پلاسٽڪ جي شاپنگ بيگز تي پابندي بابت خانگي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت درخواستگذارن کي عارضي طور ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. درخواستگذارن جو موقف هو ته حڪومت غيرقانوني نوٽيفڪيشن ذريعي ڪارخانن کي زبردستي بند ڪرائي رهي آهي. عدالت وڪيل جي دليلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”توهان ڪهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهيو؟“درخواستگذارن جي وڪيل ٻڌايو ته پلاسٽڪ بيگز جي تياري، رکڻ ۽ استعمال تي پابندي لاڳو آهي. عدالت چيو ته دنيا ۾ پلاسٽڪ جي استعمال گهٽائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، هي پاليسي جو معاملو آهي سڀني تي پابندي هوندي آهي، پاليسي ٺاهڻ وقت سڀني کان صلاح نه ورتي ويندي آهي، ڇا 25 ڪروڙ ماڻهن کان به صلاح ورتي وڃي؟عدالت ٻڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي درخواستگذارن جي وڪيل کي صوبائي ماحولياتي تحفظ اٿارٽي (سپيا) کي درخواست جي ڪاپي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو