خانگي ٽي وي جو پروڊيسر زبير انجم گهر مان کنڀجي ويو

خانگي ٽي وي جو پروڊيسر زبير انجم گهر مان کنڀجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ خانگي ٽي وي جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر زبير انجم کي پوليس يونيفارم پهريل اهلڪار سندس گهر مان کنڀي کڻي ويا ماڊل ڪالوني جي رهواسي زبير انجم جي گهرڀاتين ان حوالي سان ٻڌايوت ه ٻه پوليس موبائلون ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ ماڻهوآيا ۽ زبير انجم کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا زبير انجم جي ڀاءُ وجاهت انجم مطابق پوليس ۽ ساده لباس اهلڪار هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙيا زبير انجم بابت معلوم ڪيو ۽ کيس هٿيارنج ي زور تي پاڻ سان گڏ وٺي ويا اهلڪار زبير انجم جو موبائيل فون ۽پاڙي ۾ لڳل ڪئميرائن جي ڊي وي آر به پاڻ سان گڏ کڻي ويا پوليس وارن گرفتاري جو سبب ناهي ٻڌايو ايس ايس پي ڪورنگي ان ڏس ۾ چيو ته پوليس کي زبير انجم جي گرفتاري بابت ڪوئي اطلاع نه آهي ڪورنگي ضلعي جي ڪنهن ٿاڻي جي پوليس زبير انجم کي گرفتار ناهي ڪيو واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون….ڪراچي پريس ڪلب خانگي ٽي وي جي ايگزيڪيوٽو پروڊيسر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر زبير انجم کي گهر مان هٿيارنج ي زور تي اغوا ڪرڻ ۽ اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان عمل کي راءِ جي اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائڻ ۽ آزاد صحافت کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ مجلس عامله جي ميمبرن زبير انجام کي رات دير سان بنا ڪنهن وارنت جي گهر مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ۽ گهرڀبارين کي حراسان ڪرڻ جي واقعن کي رياستي دهشتگردي قرار ڏيندي وزيراعظم محمد شهبازشريف، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وڏي وزير مرادعلي شاهه ۽ آئي جي سنڌ کان هن واقعي جو فوري نوٽيس وٺڻ ۽ زبير انجم کي بنا دير بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو