خانپورمهر، زميني تڪرار تان جھيڙو، 2 ڄڻا زخمي

خانپورمهر، زميني تڪرار تان جھيڙو، 2 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (رپورٽر): خانپورمهر ويجهو ڳوٺ شير مهر ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان مهر برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ سخت جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان الطاف مهر سميت 2 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا. مقامي ذريعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ زميني معاملي تان تڪرار هلندڙ هو،جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻن ئي زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ گهوٽڪي اسپتال پهچايو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت سبب وڌيڪ علاج لاءِ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جو اطلاع ملندي ئي پنهنجي تفشيش شروع ڪري ڏني آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو