خانداني معاملن ۾ معاوضن بابت ڪيس هتي نه اچڻ گهرجن

خانداني معاملن ۾ معاوضن بابت ڪيس هتي نه اچڻ گهرجن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ مختلف خانداني ڪيسن دوران اهم ريمارڪس ڏنا آهن.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته خانداني معاملن ۾ معاوضي جي ادائيگي لاءِ اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ نه اچڻ گهرجن، جيڪڏهن هيٺين عدالتون معاوضي تي فيصلو ڪن ٿيون ته معاملو بند ڪيو وڃي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ معاوضي جي ادائيگي جي رقم ۾ مداخلت نه ڪندي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 25 هزار في ماهوار هڪ ننڍڙي ٻار لاءِ تمام گهڻو آهي.عدالت ماهوار خرچ 25 هزار مقرر ڪرڻ جي فيصلي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ان حوالي سان ٻڌڻي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو