خاتونِ اول کي جي پي ايم سي ۾ فالج مرڪز جي قيام بابت بريفنگ،حمايت جو اظهار

خاتونِ اول کي جي پي ايم سي ۾ فالج مرڪز جي قيام بابت بريفنگ،حمايت جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خاتونِ اول ۽ رڪنِ قومي اسيمبلي بي بي آصفا ڀٽو زرداري کي اڄ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۾ تجويز ڪيل جامع فالج مرڪز جي قيام جي ويزن ۽ ان تي عملدرآمد جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني وئي۔ بريفنگ ڊاڪٽر سيد فضل زيدي، پروفيسر آف نيورولوجي، يونيورسٽي آف ٽوليڊو، عالمي شهرت يافته ويسڪيولر ۽ انٽروينشنل نيورولوجسٽ ۽ JPMC ڪمپريهنسو اسٽروڪ پروگرام جي باني ڊائريڪٽر ڏني، جڏهن ته ان سان گڏ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي چيئرمين جناب مشتاق چانپرا به موجود هئا۔ بريفنگ دوران ڊاڪٽر فضل زيدي سنڌ ۾ فالج جي وڌندڙ بار تي روشني وجهندي ٻڌايو ته 5 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ آبادي واري صوبي ۾ روزانو اندازاً 500 ماڻهو فالج جو شڪار ٿين ٿا، جن مان تقريباً 50 مريض اهڙا آهن جن کي سخت فالج سبب انتهائي مهارت تي ٻڌل طبي سهولتن جي ضرورت آهي۔ هن بروقت ۽ جانيون بچائيندڙ علاج جي فراهمي لاءِ هڪ جامع فالج مرڪز جي قيام کي ناگزير قرار ڏيندي عوامي صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔خاتونِ اول کي ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز (NICVD) ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز (SICVD) اسڪيمڪ فالج جي مريضن کي اهم طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن، پر سنڌ ۾ هن وقت اهڙو ڪو به جامع فالج مرڪز موجود ناهي جيڪو فالج جي علاج جي سڀني پهلوئن، جن ۾ اسڪيمڪ ۽ هيموريجڪ فالج، پيچيده نيورو ويسڪيولر ايمرجنسي، جديد نيورو انٽروينشنل طريقيڪار، نيورو ڪريٽيڪل ڪيئر ۽ خاص بحالي (ري هيبيليٽيشن) جون سهولتون فراهم ڪري سگهي۔ ڊاڪٽر فضل زيدي ٻڌايو ته هي منصوبو پاڪستان اسٽروڪ انيشيئيٽو تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي، جيڪو آمريڪا ۾ قائم هڪ غير منافعي بخش ادارو آهي ۽ پاڪستان ۾ فالج جي علاج کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔ اهو قدم پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن، JPMC ۽ حڪومت سنڌ جي شراڪت سان شروع ڪيو ويو آهي۔ هن شراڪت جو مقصد سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جو پهريون جامع فالج مرڪز قائم ڪرڻ آهي، جتي جديد علاج، ماهرن جي تربيت ۽ تحقيق سان گڏ سڄي صوبي ۾ ٽيلي اسٽروڪ نيٽ ورڪ جي مرڪزي مرڪز (Hub) طور به خدمتون سرانجام ڏنيون وينديون۔ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي چيئرمين جناب مشتاق چانپرا پاڪستان جي عوامي شعبي جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ خيراتي شراڪت ذريعي پنهنجي تنظيم جي ديرينه عزم جو ورجاءُ ڪيو۔ هن چيو ته JPMC ۾ عالمي معيار جو طبي انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ سان عوام کي جديد طبي سهولتن تائين برابر رسائي حاصل ٿيندي۔ وفد ايندڙ 3 کان 5 سالن ۾ پاڪستان جي پهرين سرڪاري جامع فالج نيٽ ورڪ جي قيام جو ڊگهي مدي وارو ويزن پڻ پيش ڪيو۔ هن منصوبي تحت اسٽروڪ نيورولوجسٽس ۽ نيورو انٽروينشنل ماهرن جي تربيت، علائقائي سطح تي فالج جي سهولتن ۾ واڌارو، ايمرجنسي ريفرل نظام کي مضبوط بڻائڻ، فالج جي علاج جا معياري طريقا جوڙڻ ۽ ضلعي اسپتالن کي مربوط ٽيلي اسٽروڪ نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ شامل آهي۔ خاتونِ اول بي بي آصفا ڀٽو زرداري پاڪستان اسٽروڪ انيشيئيٽو، پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن ۽ JPMC جي طرفان پاڪستان ۾ فالج جي علاج کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيل گڏيل ڪوششن کي ساراهيو۔ هن فالج جي خاص علاج جي سهولتن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي انهن قدمن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو، جن جو مقصد فالج سبب ٿيندڙ روڪٿام لائق موتن ۽ عمر ڀر جي معذوري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي۔ هن چيو ته اهڙا قدم نه رڳو قيمتي جانيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر مريضن جي صحت جي نتيجن کي به بهتر بڻائيندا۔ اجلاس جي آخر ۾ هن عزم جو اظهار ڪيو ويو ته JPMC جامع فالج مرڪز کي عوامي شعبي جي صحت جي نظام جو هڪ تاريخي منصوبو بڻايو ويندو، جيڪو موجوده طبي سهولتن جي تڪميل ڪندي سنڌ ۾ فالج جي علاج جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کي اعليٰ معيار جي خاص طبي سهولتن تائين وسيع رسائي فراهم ڪندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو