اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاق جي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان وچ ۾ ڊگهيون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.گهرو وزير اڄ صبح جو وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو.هن ٻڌايو ته اڄ فرانسيسي سفير جي ملڪ نيڪالي جي قراداد پيش ڪنداسين جڏهن ته ٽي ايل پي پاران پوري ملڪ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪيا ويندا، شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته معاملن کي ڳالهين ذريعي اڳتي وڌائينداسين ۽ جن خلاف ڪيس داخل آهن بشمول فورٿ شيڊول انهن کي به ختم ڪيو ويندو.










