اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب حڪومت سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ وفد عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جولاءِ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي حڪومت جون ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ تي مجبوري ظاهر ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا تجويز ڏني ته اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريون، جيڪڏهن معاملا حل نه ٿيا ته پوءِ ڪو ٻيو اچي ته سڀ روئين،واضح رهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيو، جنهن ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.جنهن بعد حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون اڱاري تائين ملتوي ڪيون ويون.ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف ٽي مطالبا پيش ڪيا هئا، جنهن تي حڪومتي ذريعن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا مڃڻ مشڪل آهي، ڪو به اتحادي پي ٽي آءِ جا ٽي مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناهي.










