حڪومت کي بجلي مهانگي ڪرڻ جو اختيار ملي ويو

حڪومت کي بجلي مهانگي ڪرڻ جو اختيار ملي ويو

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا ايڪٽ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو جنهن سان حڪومت کي بجلي مهانگي ڪرڻ جو اختيار ملي ويو.آرديننس موجب حڪومت بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج وصول ڪري سگهندي، نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي آرڊيننس جو اطلاق تڪڙو ٿيندو، حڪومت کي هڪ روپيو 40 پيسا في يونٽ تائين سرچارج هڻڻ جو اختيار ملي ويو.ان کان پهريان مسلم ليگ ن جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ سرچارج لاڳو ڪرڻ جو اختيار ختم ڪيو ويو هو.آرڊيننس تحت حڪومت کي ايندڙ ٻن سالن ۾ بجلي ساڍا 5 روپين تائين مهانگي ڪرڻ جو اختيار هوندو، عوام تي سرچارج جي مد ۾ 150 ارب روپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.آرڊيننس موجب بجلي سسٽم کي ساليانو 1400 ارب روپيا حاصل ڪرڻا آهن، حڪومت سرڪلر ڊيٽ جي حل ڪاڻ سرچارج هڻڻ ضروري قرار ڏنو آهي، ايڪٽ ۾ ترميم بعد نيپرا کي قيمتن جي حوالي سان خودمختياري ملي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو