راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت چونڊن کان فرار ٿيڻ لاءِ ڳالهين جو ڊرامو ڪري رهي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد احمد لکيو آهي ته جيڪي حقيقي بااختيار آهن اهي ملڪ جي بهتري لاءِ چونڊون ڪرائين. ايف آءِ اي منهنجي گرفتاري لاءِ پنجاب پوليس مٿان دٻاءُ وجهي رهي آهي. 31 آڪٽوبر تي منهنجي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ادارن به چيو آهي ته پرامن مارچ تي ڪابه پابندي ناهي. 4 نومبر تي اسان روات مان لانگ مارچ جو اسلام آباد جي لاءِ تاريخي استقبال ڪنداسين.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته حڪومت جو اسلام آباد جي ريڊ زون کي واڌ جو فيصلو سياسي تڪرار کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. ريڊ زون کي زيرو پوائنٽ تائين واڌ ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ جي لانگ مارچ جي اجازت جي نفي ڪئي وئي آهي.










