حڪومت پورھيتن جي حقن لاءِ عملي اپاءَ ورتا آھن: مراد شاھھ

حڪومت پورھيتن جي حقن لاءِ عملي اپاءَ ورتا آھن: مراد شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سندس حڪومت پورھيتن جي حقن لاءِ عملي اپاءَ ورتا آھن. ھن اھا ڳالھھ پورھيتن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جاري سندس بيان ۾ ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪري پورھيتن جي گهر جا چلها وسامڻ نه ڏنا. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت زرعي محنت ڪش کي پڻ ناھي وساريو. وڏي وزير چيو تھ ھارين جي بھتريءَ لاءِ بھ قانون بڻايا. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جبري مشقت جي خاتمي وارو قانون 2015ع ۾ آندو. سنڌ حڪومت ليبر پاليسيءَ تحت چائلڊ ليبر خلاف قدم کنيا آهن، وڏي وزير چيو تھ اسانجي پورھيتن ھن ملڪ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي ھيل تائين پاڪستان پيپلز پارٽي پورھيتن جي زندگي بدلائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پورھيتن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سنڌ ۽ پاڪستان سميت سموري دنيا جي پورھيتن کي سلام پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو