اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو امڪان آهي ۽ نئين ايندڙ گورنر جو نالو به سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو امڪان آهي. واضح رهي ته هن وقت ڪامران ٽيسوي گورنر سنڌ جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.هوڏانهن وفاقي وزير خالد مقبول ترديد ڪندي چيو ته گورنر تبديل نه ٿيندو جيڪڏهن اهڙا فيصلا ٿيا آهن ته ايم ڪيو ايم قيادت ويهندي ۽ اڳتي جو پلان جوڙيندي










