ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار مڪاني ادارن جي مدت پوري ٿيڻ بعد سڀني ضلعن ۾ ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي ۾ 21هين گريڊ جو آفيسر افتخار شالواڻي کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي جَي 6 ڊي ايم سيز ۾ لاڳاپيل ڊي سيز به ايڊمنسٽريٽر مقرر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي لاءِ گهنور لغاري، ڊي ايم سي ڏکڻ ڪراچي ۾ ارشاد سوڍڙ، اولهه ضلعي ۾ سليم الله اوڍو، اوڀر ضلعي ۾ محمد علي شاهه ۽ ملير لاءِ اي ڊي سي وَن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، انيس احمد دستي حيدرآباد، شهزاد افضل سکر جو ايڊمنسٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته وفاقي وزير علي زيدي چيو هو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ 21 گريڊ جو ايڊمنسٽريٽر لڳايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ان ئي گريڊ جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن.










