هر ضلعي ۾ ترقياتي رٿائن جو ڄار وڇايو آهي، ،شرجيل ميمڻ

هر ضلعي ۾ ترقياتي رٿائن جو ڄار وڇايو آهي، ،شرجيل ميمڻ

ٽنڊوڄام (ن س ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن وِنگ جي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سينئر وزير سنڌ ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري شرجيل انعام ميمڻ ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت عوامي خدمتن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ پنهنجي روايت کي وڌيڪ اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي چڪي آهي.صحت جي شعبي ۾ NICVD جو سڄي صوبي ۾ نيٽورڪ قائم آهي جتي دل جا سڀ علاج مفت آهن، جڏهن ته مهانگو ترين سائبر نائف علاج به حڪومت طرفان بر وقت ۽ مفت فراهم ڪيو پيو وڃي. ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ جديد سهولتون ڏنيون ويون آهن ته جيئن عوام کي عالمي معيار جو علاج فراهم ٿي سگهي. تعليم جي شعبي ۾ نوان اسڪول، ڪاليج ۽يونيورسٽيون قائم ڪيون پيون وڃن ۽ موجوده ادارن کي به اپگريڊ ڪيو پيو وڃي. ٽرانسپورٽ شعبو، بشمول پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس ۽ اليڪٽرڪ بسن ذريعي ، عوام کي جديد ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا منصوبا ۽ ٿر ڪول پروجيڪٽ سنڌ جي ترقي جا ضامن آهن. ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت متاثر خاندانن کي مالي امداد، خيمه، خوراڪ ۽ علاج پڻ فراهم ڪيو . سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن 21 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي ۽ ٻه لک کان وڌيڪ خاندانن کي سولر سسٽم به ڏنا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ زور ڏنو ته سڀئي قدم شفافيت ۽ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي کنيا پيا وڃن. گڏجاڻي ۾ ايم اين اي شرميلا فاروقي چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن هڪ خاندان آهن ۽ سندن پيغام دليل ۽ شائستگي تي ٻڌل هئڻ گهرجي. اجلاس ۾ ايم اين اي شرميلا فاروقي، سينيٽر نديم ڀٽو، سيف قريشي، سميتا سيد، سعديه جاويد، بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ ڊويزن و ضلعي انفارميشن سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو