حڪومت مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري پئي

حڪومت مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري پئي

سکر (ن س) پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن جا اڳواڻ ۽ حڪومت ۾ شامل پارٽيون معاشي بحران ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جون عوام دشمن پاليسيون عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪيون آهن، عمران خان سياسي ساک وڃائي چڪو آهي، پي ٽي آءِ چاهي ڪيتري به ڪوشش ڪري، اقتدار حاصل ڪرڻ جو خواب پورو نه ٿيندو،اهڙو اظھار ھن گزريل رات سکر ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر ورڪر ۽ واپاري اڳواڻ مرحوم بدر رفيق قريشي جي پٽ نديم قريشي سان سندس گهر وڃي تعزيت ڪئي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي سيد شاھ محمد شاھ مسلم ليگ ن سکر جي اطلاعات سيڪريٽري گل حسن کوسو سان سندس ويجهي مائٽ علي مردان کوسو جي وفات تي پڻ تعزيت ڪئي۔صوباي صدر سان ضلعي سکر جو صدر خورشيد احمد ميراڻي،جنرل سيڪريٽري محمد اعظم خان، سکر شهر جو آرگنائيزر چوڌري خالد آرائين، عدنان راجپوت، چوڌري مجاهد، احمد حسين ڀٽي. ، فهيم گڙگيج، يونس راجپوت ۽ ٻيا عهديدار ۽ ڪارڪن موجود هئا.سيد شاھ محمد شاھ وفد سميت مرحوم بدر رفقي قريشي جي پونئرن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو