حڪومت متاثرن کي ريسڪيو ۽ امداد توڙي بحالي وارين سرگرمين ۾ تيزي آڻي

حڪومت متاثرن کي ريسڪيو ۽ امداد توڙي بحالي وارين سرگرمين ۾ تيزي آڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو متاثر ٿيل ماڻهن جي ريسڪيو، امداد ۽ بحالي وارين سرگرمين کي تيز ڪري. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته برسات الله پاڪ جي رحمت هوندي آهي، پر حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري اها عوام لاءِ زحمت بڻجي وڃي ٿي. ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ نيو حب ڪينال کان پوءِ تازو اربين رپين سان تعمير ٿيل ”شاهراه ڀٽو“ جو وهجي وڃڻ حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن جو زنده مثال آهي. هي رڳو شاهراه ڀٽو يا نيو حب ڪينال جي ڳالهه ناهي، پر ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ جي حالت ساڳي آهي. مراد علي شاهه جي حڪومت گذريل ڏهن سالن ۾ رڳو ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي جي گذريل سترنهن سالن کان لاڳيتو صوبي ۾ حڪومت هجڻ باوجود هن جديد دور ۾ به سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي، صحت، تعليم سميت زندگي جي بنيادي سهولتون کان به محروم آهن. سنڌ ۾ اٽڪل 60 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن. موسميات کاتي پاران طوفاني برساتن بابت اڳواٽ اطلاع ڏيڻ باوجود حڪومت اگهور ننڊ ۾ سُتل رهي وڏو وزير ۽ سنڌ ڪابينه جا اهم وزير مشير رڳو اشتهارن ۽ فوٽو سيشن ۾ لڳل رهيا. جيڪڏهن ملڪ ۽ صوبي جي وڏي شهر ڪراچي ۾ برساتن کان پوءِ صورتحال ايتري خراب آهي ته باقي ننڍن شهرن جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪاشف سعيد شيخ سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته شاهراه ڀٽو ۽ نيو حب ڪينال جي ٺيڪيدارن توڙي سندن سهولتڪاري ڪندڙ سرڪاري آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ جن ميرٽ بدران رشوت ۽ ڪرپشن جي بنياد تي ٺيڪا ڏنا، تن جو به احتساب ڪيو وڃي. صوبائي امير متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار، فوت ٿيلن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو