حڪومت عوام تي بجلي بم ڪيرائڻ چاهي ٿي ،بلاول

حڪومت عوام تي بجلي بم ڪيرائڻ چاهي ٿي ،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ عمران خان عوام جي کيسن مان 700 ارب روپين کان وڌيڪ ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهي چڪو آهي.بجلي ۽ گيس جي مهانگي بلن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف عمران خان کي بجلي جا بل وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت بجلي مهانگي ڪرڻ جو  آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. مهانگي بجلي جي صدارتي آرڊيننس ۽ نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ عمران خان عوام جي کيسن مان 700 ارب روپين کان وڌيڪ ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهي چڪو آهي.بلاول ڀتو چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف جي هدايتن تي پاڪستاني معيشت کي هلائي ملڪي وقار کي نقصان پهچايو آهي. پاڪستان جي عوام پنهنجي بجلي ۽ گيس جي مهانگي بلن جي ذريعي عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ڊيل ۾ نااهلي جا نتيجا ڀڳتي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو