حڪومت سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي؛ قادر مگسي

دڙو (امداد ميمڻ) پ پ حڪومت سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بنائي ڇڏيو آھي.سجاول پوليس سياسي ڪارڪنن جي گھرن ۾ ڌاڙيلن وانگر بنا جواز داخل ٿي چادر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪري شرمناڪ عمل ڪيو آھي. اھا ڳالھ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ٻنون ۽ دڙي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪئي. ھن چيو ته سجاول جي سي آءِ اي پوليس ۽ ميرپوربٺورو جي مقامي پوليس دھشت ۽ وحشيت جا سمورا ليڪا لتاڙي رات جي اونداھي ۾ ايس ٽي پي سجاول ضلعي جي صدر عبدالغني ملاح جي گھر تي ڌاڙيلن وانگر چڙھائي ڪري چادر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪري انتھائي ڪريل حرڪت ڪئي آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سجاول ضلعي اندر ان ڳالھ ۾ ڪوبه شق ناھي ته ميرپوربٺورو سميت ضلعي جي ھر ننڍي وڏي شھر ۽ ڳوٺ ۾ سي آئي اي پوليس جي انچارج مشتاق برھماڻي ۽ ان جي ڪرپٽ ٽيم جي سرپرستي ھيٺ منشيات، جوا، موتمار گٽڪي، سوپاري ۽ ٻين ڏوھن جو ڪاروبار ڪيتري وقت کان وٺي ھلي رھيو آھي. پوليس جي آشيرواد سان ھلندڙ مختلف ڏوھن ۽ مشيات خلاف آواز اٿاريندڙ ايس ٽي پي جي جاکوڙي عبدالغني ملاح کي حراسان ڪرڻ لاءِ سندس گھر تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن عبدالغني ملاح جي گھر تي غيرقانوني طور تي چڙھائي ڪندڙ ڪرپٽ اھلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج  جو سڏ ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو