حڪومت سنڌ مسجدن جي آمدني جا ذريعا معلوم ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت سنڌ مسجدن جي آمدني جا ذريعا معلوم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين مسجدن جا آمدني جا ذريعا معلوم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين مسجدن مان آمدني جا ذريعا معلوم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان اوقاف کاتي سمورين مسجدن کي سوالناما اماڻي ڇڏيا آهن.اوقاف کاتي طرفان مسجد ن کي سنڀاليندڙن کي چندي جا پئسا، ملڪيت هيٺ دڪان يا گهر جا تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان کان علاوه سنڌ جي سمورين مسجدن کي جمعي واري ڏينهن جمع ٿيندڙ چندي ۽ خرچن جا تفصيل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب مسجدن جا تفصيل ايف اي ٽي ايف شرطن جي تحت تفصيل گهريا ويا آهن جنهن کان پوءِ اوقات کاتو مسجدن جا تفصيل حاصل ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو