حڪومت سمورن شين تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي

حڪومت سمورن شين تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ 170 ارب رپين جي مني بجيٽ کان اڳ سمورن شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي.سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سمورن کنڊ جي شين تي سيلز ٽيڪس به 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، خوردني تيل، بسڪيٽ، جام، جيلي، نوڊلز سڀ مهانگو ٿي ويا آهن.ٻارن جي رانديڪن، چاڪليٽ، ڪافي، عورتن جي ميڪ اپ، شيمپو، ڪريم، لوشن، صابن ۽ ٽوٿ پيسٽن تي به سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.هيئر ڪلر، هيئر ريموور ڪريم ۽ هيئر جيل تي سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.شيونگ فوم، شيونگ جيل، شيونگ ڪريم ۽ شيونگ بليڊ تي به سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، گيجٽس، موبائيل، سمارٽ فونز ۽ آئي پوڊس تي به سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.اليڪٽرونڪس آئٽمز، ٽي وي، ايل اي ڊي، ايل سي ڊي، جوسر، بلينڈر، شيڪرز ۽ ٻين اليڪٽرونڪ مشينري تي به سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.ڪار شيمپو، ڪار پالش ۽ ٻين لوازمات، پرفيوم ۽ برانڊڊ پرفيوم تي به سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو