حڪومت جي پھرين ترجيح عوام ۽ مال کي ٻوڏ کان محفوظ بڻائڻ آھي

حڪومت جي پھرين ترجيح عوام ۽ مال کي ٻوڏ کان محفوظ بڻائڻ آھي

ميرپور ماٿيلو )ن س) سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ ۽ خطري کي نظر ۾ رکندي فوڪل پرسن ليفٽ بئنڪ ۽ صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ ھڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني، ضلعي ڪائونسل چيئرمين بنگل خان مھر، رينجرز جي عملدارن، ايس ايس پي انور کيتران، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڄام آصف رزاق خان ڌاريجو سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، آبپاشي، زراعت، صحت، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين کاتن جي آفيسر شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي صوبائي وزير کي گڊو بئراج، قادرپور شينڪ بند، لوپ بند ۽ ضلع ۾ ڪيل حفاظتي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻھن جون 27 ٻيڙيون دستياب آھن ۽ بحالي کاتو وڌيڪ 2 ٻيڙيون مهيا ڪري رھيو آھي. ان کان علاوه 53 ڊي واٽرنگ پمپ، 26 اليڪٽرڪ موٽر ۽ 26 ڊيزل موٽر موجود آھن. امڪاني طور تي ڪچي جون 10 يوسي ۽ سوا لک کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿي سگھن ٿا، جن لاءِ 1026 اينٽي اسنيڪ ۽ 1998 اينٽي ريبيز ويڪسين، 43 ايمبولينسون فراھم ڪيون ويون آھن جڏهن ته چوپائي مال لاءِ 3 لک ويڪسين موجود آهن. تعلقي سطح تي 5 ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آھن ۽ سڀني ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آھن. ڊائريڪٽر سيڊا ٻڌايو ته رانونتي، دلوارو ۽ ماڇڪو جي حفاظتي بندن تي مرمتي ڪم ڪرايو ويو آھي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر هدايتون جاري ڪندي چيو ته سڀئي آفيسر خبردار رھن ۽ ماڻھن کي محفوظ هنڌن ڏانھن منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ھن چيو ته حڪومت سنڌ جي پھرين ترجيح عوام ۽ مال مويشي کي ٻوڏ کان محفوظ بڻائڻ آھي. “ڪچي جا ماڻھو پنھنجو گھر ڇڏڻ نٿا چاھين پر اسان چاھيون ٿا ته کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير جي واضع ھدايت آھي ته هڪ به انساني جان ضايع نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پنجند تائين پھچڻ بعد ٻوڏ جو ريلو 48 ڪلاڪن ۾ گڊو پھچي سگھي ٿو، گڊو بئراج جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته 4 کان 5 سيپٽمبر دوران پاڻي اچڻ جو امڪان آھي. جيتوڻيڪ صحيح انگ اکر ڏيڻ ممڪن ناھي، پر اندازو آھي ته 5 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي سگھي ٿو، جڏهن ته اسان جي تياري مها ٻوڏ لاءِ آھي. گڏجاڻي کانپوءِ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر گهوٽڪي جي قادرپور شينڪ بند، لوپ بند ۽ ڪچو بنڊي بند جو هنگامي دورو ڪيو. ھن ڊائريڪٽر سيڊا کان صورتحال بابت بريفنگ ورتي، ڪچي جي ماڻھن جا مسئلا ٻڌا ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪچي جي علائقي جو جائزو ورتو. سردار محمد بخش مھر ٻڌايو ته قادرپور شينڪ بند جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. بند تي ھيوي مشينري موجود آھي ۽ ھڪ هنڌ اسٽون پچنگ جو ڪم جاري آھي. ماڻھن کي گھرجي ته انتظاميا سان سهڪار ڪن ۽ ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي محفوظ هنڌن ڏانھن منتقل ٿين. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي ھدايتون ڏنيون ويون آھن. قادرپور شينڪ بند تي ميڊيڪل ڪيمپ ۽ مال مويشي لاءِ لائيو اسٽاڪ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏھن پاڻيءَ جو وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ کان مٿي ٿيو ته پاڪ فوج ۽ رينجرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. ھن وقت گڊو بئراج تي پاڻي جو مٿيون وهڪرو 3 لک 89 ھزار ڪيوسڪ ۽ ھيٺيون وهڪرو 3 لک 53 ھزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته سکر بئراج تي مٿيون وهڪرو 3 لک 15 ھزار ۽ ھيٺيون وهڪرو 2 لک 60 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آھي. صوبائي وزير واضع ڪيو ته حفاظتي بندن جي نگراني آبپاشي کاتي جي بنيادي ذميواري آھي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل بنگل خان مھر، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڪنراني، ايس ايس پي انور کيتران ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جام آصف رزاق ڌاريجو به صوبائي وزير سان گڏ هئا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو