سجاول ( ن سنڌيار) برسات کان پوءِ نانگ بلائون گهر ۾ ڪاهي پيون، تعلقه شاه بندرلڳ لاڏيون جو رهواسي برسات متاثر اڌڙوٽ شخص کي نانگ ڪکي وڌو برساتي پاڻي جا لنگھ بند هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، سجاول ضلع جي تعلقه شاھ بندر ويجهو لاڏيون ڀرسان ڳوٺ محمد ملاح جو رهواسي اڌڙوٽ شخص 50 سالا خميسو ملاح کي گهر اندر نانگ جي ڪکجڻ سبب فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن محمد ملاح، قاسم ملاح، محمد حسن ملاح، سليم ملاح، عثمان ملاح، صديق ملاح، رمضان ملاح، جمن ملاح، رسيد ملاح، بصريو ملاح ۽ ٻين چيو ته برسات سبب نانگ بلائون گهرن ۾ ڪاهي پيون آھن اسان جي ڳوٺ جو خميسو ملاح کي گهر اندر نانگ ڪکي وڌو برساتي پاڻي جا لنگھ بند هجڻ سبب ھمرا کي اسپتال تائين نه پهچائي سگهيا سين جنهن جي ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو فوتي جو جنازو برسات دوران پاڻي مان گذاري قبرستان پهچايو آھي ڳوٺاڻن چيو ته رين ايمرجنسي ته هتي لڀي نٿي اسان جي گهرن ۾ ٽي کان چار فٽ تائين پاڻي موجود آھي نانگ بلائون پڻ گهرن ۾ ڪاهي پيون آھن. اسان جا ٻار ٻچا بلائن جي ڊپ کان خوف ۾ ورتل آھن. هن ڳوٺ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آھي اسان جا ننڍا ٻار بيمار ٿي پيا آھن هتي نه رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي ۽ نه پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو. چونڊيل نمائندا توڙي ضلع انتظاميه اڃاتائين ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آھي هنن ضلع انتظاميه ۽ وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آھي.










