اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت جي سيفرنس جي جاچ لاءِ رضامندي صحيح رخ ۾ قدم آهي.فواد چوڌري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته عمران خان جي حڪومت کي هڪ سازش تحت هٽايو ويو.هن وڌيڪ لکيو آهي ته انصاف مطالبو ڪري ٿو ته واقعي جي ايف آءِ اي بدران سپريم ڪورٽ جي ٺاهيل ڪميشن کان جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي سگهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به لکيو ته آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ اهڙي ئي هڪ ڪميشن جوڙي وڃي.










