اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 6 لڳائي ڏسي وٺي، مان به هتي ئي آهيان ۽ رهندس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران اڳوڻي صدر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهي موقعي تي صحافي پڇيو ته اوهان جهڙي طريقي سان اسيمبلي ٽوڙي ان تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو چيو پيو وڃي.؟ جنهن تي عارف علوي چيو ته آرٽيڪل 6 جيڪڏهن لڳائڻ چاهيو ٿا ته ڪوشش ڪري وٺو ۽ پنهنجي خوشي به پوري ڪري وٺو، هي 1500 ڪيسز هلائي چڪا آهن، وڌيڪ به ڪيس ٺاهي وٺن هي ڪوشش ڪري وٺن مون کي به موقعو ملندو. صحافي چيو ته قاضي فائز عيسيٰ اوهان جو نالو وٺي چيو 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏئي سگهيو جنهن تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته مان به قاضي صاحب جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو، ان جي به اهميت قاضي فائز عيسيٰ کي هجڻ گهرجي.عارف علوي کان صحافي طرفان پڇيو ويو ته ڇا اوهان آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي لاءِ تيار آهيو؟ جنهن تي هن چيو ته مان به هن ملڪ ۾ آهيان ۽ پاڪستان ۾ ئي رهندس، آرٽيڪل 6 ڇا آهي، زندگي ۽ موت جي جنگ، مان به هتي آهيان.هن وڌيڪ چيو ته هميشه کان آڊيو ليڪ جي خلاف رهيو آهيان، منهنجي پرائيويٽ ڳالهه ٻولهه کي ٻڌڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت سوال تي عارف علوي جواب ڏنو ته انشاءَلله اهو جلد ٻاهر اچي ويندو.










