ڪوئيٽا(م ڊ) حڪومت طرفان بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن تائين ڪا به امداد نه پهتي آهي ۽ حڪومت جون دعوائون ٿڏي تي ئي رهجي ويون آهن.ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن کي ڪا به امدادي رقم نه ملي آهي ۽ نه ئي انتظاميه نقصان جو اندازو لڳايو آهي.ڪيترن ئي متاثرين لاءِ اڃا تائين محفوظ پناهگاهن جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي.مون سون جي چوٿين اسپيل سبب متاثرن جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي، خوراڪ جي کوٽ ۽ وبائي مرض ۾ مبتلا مريضن جي حالت خراب ٿي وئي آهي.










