اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي ميمبر پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي جنهن سبب ماڻهو آپگهات تي مجبور آهن.قومي اسيمبلي ميمبر وڌيڪ چيو ته اسان کي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدو ياد آهي پر عوام سان ڪيل واعدن جو ڇا ٿيندو؟ پيٽرول جي قيمت ۾ اهڙي ظالماڻي واڌ کي واپس ورتو وڃي.










