ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊي جي ڪي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي، رڪاوٽن ۽ انهن جي جلد تڪميل بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. ناصر حسين شاهه ڪريم آباد انڊر پاس بابت تحفظات جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته انڊر پاس جي چوڌاري قائم سموريون تجاوزات فوري طور ختم ڪيون وڃن ته جيئن انڊر پاس کي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت جو مؤثر ذريعو بڻائي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته انڊر پاس سان لاڳاپيل سمورا رهيل ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ هر ترقياتي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ ان سان لاڳاپيل سموريون ترقياتي اسڪيمون پڻ مڪمل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ماري پور روڊ واءِ جنڪشن کان مڇي چوڪ تائين جاري ترقياتي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. ناصر حسين شاهه چيو ته ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل سان شهرين کي بهتر سفري سهولتون ملنديون ۽ ٽريفڪ جا مسئلا گهٽ ٿيندا. اجلاس دوران ملازمن جي بدلين ۽ مقررين بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزير مڪاني ادارن هدايت ڪئي ته ڊپارٽمينٽل پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ حڪومتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته مقرري جا منتظر آفيسر ۽ ملازم فوري طور مقرر ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به ملازم کي بنا جواز تنگ نه ڪيو وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي کي مثالي شهر بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي.










