حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته غريب ماڻهو لا ٻه ويلا ماني کائڻ مشڪل بنجي ويو آهي. اٽو، چانور سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي. هڪ طرف اسپتالن ۾ معياري علاج ناهي ٻئي طرف دوائون ايتريون مهانگون ڪيون ويون آهن جو غريب ماڻهو علاج نه ڪرائڻ سبب تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جون پاليسيون عوام دوست ناهن، حڪمرانن کي غريب عوام جو ڪو به فڪر ناهي. مزدور، هاري ۽ غريب عوام غربت، مهانگائي ۽ مسئلن ۾ پيڙهجي رهيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، روزگار جا وسيلا ناهن. صنعتي ادارا ناهن، سرڪاري نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن، بدلين تي به رشوت ورتي وڃي ٿي، اهري حالت ۾ عام ماڻهو انصاف کان محروم آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت جون زراعت دشمن پاليسيون آهن، جنهن ڪري ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون ٻاهران گهرايون پيون وڃن، ملڪ مافيا جي حوالي آهي، جيڪا عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته هٿرادو پاڻي کوٽ، نقلي ٻج ۽ دوائن، ٿيندڙ فصلن جو آبادگارن کي جائز اگهه نه ملڻ ڪري زراعت تباهه ٿي اهي. هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري زرعي ملڪ هجڻ باوجود اسان وٽ خوراڪ مهانگي ٿي رهي آهي. ڪڏهن کنڊ جي کوٽ ته ڪڏهن ڪڻڪ جي کوٽ ڄاڻائي عوام کي لٽڻ لاءِ هٿرادو بحران پيدا ڪيا وڃن ٿا.










