حيدرآباد (ن س) ظالم جوابدارن 15 سالن جي هڪ ڇوڪر کي بدفعلي جو نشانو بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته بليڪ ميل ڪري کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهيا. پوليس ترجمان موجب، سٽي ٿاڻي جي پوليس واقعي ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن 15 سالن جي ڇوڪر سان بدفعلي ڪئي ۽ ان جي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي. ترجمان ٻڌايو ته جوابدارن وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪري متاثر ڇوڪر کان سونا زيور پڻ هٿ ڪيا هئا. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.










