حيدرآباد ۾ ڌاڙي دوران فائرنگ، 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد ۾ ڌاڙي دوران فائرنگ، 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد (رپورٽر): حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 11 (ٿاڻو اي سيڪشن) جي حدن ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب زخمين ۾ يونين ڪميٽي 117 جو چيئرمين به شامل آهي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. متاثرين مان 3 ڄڻن کي گوليون لڳيون آهن جڏهن ته هڪ ڄڻو پينسٽل جو بٽ لڳڻ سان زخمي ٿيو. پوليس عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي هٿياربند فائرنگ ڪندا پيادل فرار ٿيا، جن اڳتي هلي ٻن الڳ الڳ شهريءَ کان موٽرسائيڪلون ڦريون ۽ فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو