حيدر آباد(ن سنڌيار)سنڌ جو ٻيو وڏو وڏو شهر حيدرآباد ۾ آخرڪار هڪ يونيورسٽي جو خواب پورو ٿيڻ وارو آهي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگيويجز جي تعمير سان شهرين کي اعليٰ تعليم تائين رسائي ٿي سگهندي.حيدرآباد شهر ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي شهر جي عوام جو خواب رهيو آهي خاص ڪري شاگردن جو هڪ ڊگھي عرصي کانخواب هو جيڪو سياست جو شڪار رهيو آهي.نئين سال جي شروعات ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز جي باضابطه قيام لاءِ باقائدهه بنياد رکن جي تقريب گنجو ٽڪر جي ٽڪرين جي وچ ۾ منعقد ٿي شاگردن ۽ شهرين کي يونورسٽي جي بنياد رکڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي. سنگي بنياد جي تقريب جي رسم ۾ شهرين حصو ورتو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن تي پرچم ڪشائي ڪئي وئي تقريب جي ميزبان ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر برگيڊيئر امير زاهد خان چيو ته هن يونيورسٽي جي قيام کانپوءِ هتي 8 کان 10 هزار شاگرد هڪ ئي وقت اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا.ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته نمل يونيورسٽي جو قيام نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪندو.










