حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 6 ڪلو چرس هٿ، جوابدار گرفتار

حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 6 ڪلو چرس هٿ، جوابدار گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي حسين آباد پوليس رڪشا مان 6 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي پوليس چيو آهي ته بچاءُ بند وٽ شڪي رڪشا کي روڪيو ۽ تلاشي دوران 6 ڪلو چرس هٿ ڪري ڊرائيور ذوالقرنين پٺاڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪرڻ بعد منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي پوليس چيو آهي ته منشيات فروش حسيني امام بارگاهه ۽ ٻين علائقن ۾ رڪشا تي چرس وڪرو ڪندو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو